شيخ، رشيد

شيخ، رشيد

شيخ رشيد

شيخ، رشيد: پاڪستان جي ناليواري سياستدان، شيخ رشيد احمد جو جنم 6 نومبر 1950ع تي پنجاب ۾ ٿيو. شيخ رشيد جو بنيادي تعلق ڪوٽ راڌا ڪرشن سان هو. هن ڪرسچن هاءِ اسڪول مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد گورنمينٽ پولي ٽيڪنيڪ انسٽيٽيوٽ ۾ داخلا ورتي پر بعد ۾ اهو ڪورس اڌ ۾ ڇڏي گورڊن ڪاليج مان ايل.ايل.بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پهريان سندس لاڙو واپار طرف رهيو. ڪجهه عرصو گلمرگ ملز ۾ مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي رهيو. 1979ع ۾ هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان 1982ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم.اي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن عملي سياست جو آغاز 1980ع کان ميونسپل ڪارپوريشن راولپنڊيءَ ۾ مخالف اڳواڻ جي حيثيت سان ڪيو. 1985ع ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ جي پليٽفارم تان قومي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ نامزد ٿيو ۽ پنهنجي حلقي (راولپنڊي) مان ڪامياب ٿي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. نواز شريف سان ويجهڙائي سبب کيس نواز شريف جو ساڄو هٿ چيو ويندو هو. ساڳيءَ ريت 1988ع، 1990ع ۽ 1993ع تي ٿيل عام چونڊن ۾ مسلسل پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پليٽفارم تان ساڳئي حلقي مان قومي اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيندو رهيو. 1999ع ڌاري مارشل لا جي نفاذ، وزير اعظم نواز شريف جي جلاوطني ۽ ڪشمير جي مسئلي تي پارٽي سان اختلاف سبب هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) کان عليحدگي اختيار ڪئي ۽ ڪجهه عرصي بعد جنرل مشرف جي سرپرستيءَ هيٺ وجود ۾ آيل نئين سياسي پارٽيپاڪستان مسلم ليگ’ (قائداعظم) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 2002ع ۾ اڳوڻي آرمي چيف ۽ صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيل عام چونڊن دوران پنهنجي تڪ تان ڪامياب ٿي نومبر 2002ع کان اڳوڻي وزير اعظم مير ظفرالله جماليءَ جي ڪيبينيٽ ۾ شامل ٿيو. اهڙي ريت شيخ رشيد 1985ع، 1988ع، 1990ع، 1993ع، 1997ع، 2002ع ۽ 2013ع ڌاري ٿيل چونڊن ۾ ست ڀيرا قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ مختلف وقتن تي ليبر ائنڊ مئن پاور؛ سڌ سماء ۽ نشريات کاتي؛ صنعت، راندين، ثقافت ۽ سياحت کاتي سميت ريلوي جو وفاقي وزير به رهيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ پهريون ڀيرو شيخ رشيد پنهنجي NA-55 ۽ NA-56 تان جاويد هاشمي ۽ ملڪ شڪيل اعواڻ جي مقابلي ۾ شڪست کاڌي، جنهن بعد پاڪستان مسلم ليگ (ق) ڇڏي عوامي مسلم ليگ جي نالي سان ڌار پارٽيءَ جو بنياد رکيو ۽ ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ پارٽي آفيسون قائم ڪيون، جڏهن ته 2013ع کان عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرگرمين ۾ متحرڪ آهي. شيخ رشيد پاڪستان جي سياسي ۽ دفاعي معاملن تي گهري بصيرت رکندڙ سياستدان آهي، تنهنڪري ملڪ جي اهم مسئلن تي سندس تجزيي کي ڪافي اهميت ڏني وڃي ٿي. هي ابتدائي سياست کان پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مخالف رهيو آهي ۽ هن وقت ڪيترن ٽي.وي پروگرامن ۾ نواز شريف جي حڪومتي پاليسين تي پڻ تنقيد ڪندو رهي ٿو. سندس هڪ ڪتاب ‘فرزندِ پاڪستان’ جا 13 ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته ٻيو ڪتاب ‘سب اچها هي’ ڇپائيءَ جي مرحلن ۾ اٿس.


لفظ شيخ رشيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو